SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Anglo- Afghan Wars

(click word to listen sound
  • 🔊
  • anglo
  • afghan
  • wɔːz
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Anglo- Afghan Wars

اينگلو افغان وارس

انگريز- افغان لڙايون

انگريز- افغان لڙايون: ”مها راند“ (Great Game) جي نالي سان مشهور ٿيندڙ برطانيائي هند ۽ افغان حڪومتن وچ ۾ ٿيل اهي لڙائيون تاريخي اهميت رکن ٿيون. انگريزن ۽ افغانستان جي وچ ۾ پهرين جنگ 1839ع کان 1842ع تائين لڳي، جنهن ۾ انگريزن ڪابل ۽ قنڌار تي قبضو ڪري ورتو. 1842ع ۾ افغانين انگريزن کي شڪست ڏئي ڪابل ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. 1855ع ۾ ٻنهي ملڪن پشاور جي ٺاهه تي صحيون ڪري جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ جو ٻنهي ڌرين جو زبردست جاني ۽ مالي نقصان ٿيو هو. پرٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڻبڻت پوءِ به ڊگهي عرصي تائين جاري رهي. 1878ع ۾ سندن وچ ۾ ٻيهر لڙايون شروع ٿيون، جيڪو سلسلو وقفي وقفي سان 1880ع تائين هلندو رهيو. لڙائين جي انهيءَ سلسلي ۾ افغانستان پنهنجي خودمختياري قائم رکي پر اُن جي پرڏيهي پاليسيءَ مٿان برطانياجو غلبو رهيو. ٻنهي ڌُرين ۾ ٽين لڙائي 6 مئي 1919ع تائين جاري رهي. هن جنگي سلسلي جي نتيجي ۾ ڊيورنڊلائين سرحد طور قبول ڪئي وئي. انهن جنگين جو اهم سبب روس ۽ افغانستان جا وڌندڙ لاڳاپا هئا، جن بابت برطانيا کي ڳڻتي هئي. ڇاڪاڻ جو برطانيا سمجهيو پئي ته انهن لاڳاپن جا سنوان سڌا اثر سندس قومي مفادن مٿان پئي پيا. برطانيا جو خيال هو ته اهڙن تعلقات جي آڙ ۾ سوويت يونين ڪميونزم کي ايشيا تائين وڌائيندو، تنهن ڪري کيس پنهنجي علائقي تائين محدود ڪرڻ (Containment) واري حڪمت عمليءَ تحت برطانيا افغانستان سان لڙايون شروع ڪيون، ته جيئن افغانستان مجبور ٿي روس سان پنهنجن لاڳاپن کي محدود ڪري. انهيءَ حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ افغانستان ۽ برطانيا جي هند سرڪار وچ ۾ ڊگهي وقت تائين تنازعا جاري رهيا


Remember Me Also:

ريگستان ڪر ٽار

اسم خاص. تعلقي روهڙي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal